بالي ووڊ جي سدا بهار سپر اسٽار ماڌوري ڊڪشت ۽ رينوڪا شاهانَي هڪ ڀيرو ٻيهر گاني“ لو مين چلي” تي ڊانس ڪري پنهنجيون پراڻيون يادون تازيون ڪري ڇڏيون

maduhri

بالي ووڊ جي سدا بهار سپر اسٽار ماڌوري ڊڪشت ۽ رينوڪا شاهانَي هڪ ڀيرو ٻيهر گاني“ لو مين چلي” تي ڊانس ڪري پنهنجيون پراڻيون يادون تازيون ڪري ڇڏيون، ڊانس واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کي سندن مداح ساراهي رهيا آهن.

  ٻنهي اسٽارز  سپرهٽ فلم “هم آپ ڪي هين ڪون” ۾ سلمان خان سان گڏ ساڳئي گاني تي گڏيل پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو هو، فلم “هم آپ ڪي هين ڪون” 1994ع ۾ رليز ٿي هئي.

 دهلي ۾ هڪ فلم جي سيٽ تي 24 سالن جي عرصي بعد گاني “ لو مين چلي” تي  ماڌوري ڊڪشت ۽ رينوڪا ڊانس ڪرڻ دوران ڪافي پرجوش نظر اچي رهيون هيون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*