ڀارت ۾ پيرسن عورت سان زيادتي ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج طور اڄ ناڊيه شهر کي مڪمل طور بند رکيو ويو

ڀارت ۾ پيرسن عورت سان زيادتي ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج طور اڄ ناڊيه شهر کي مڪمل طور بند رکيو ويو آهي.

ڀارتي رياست اولهه بنگال جي شهر ناڊيه ۾ اڻڄاتل جوابدارن پاران هڪ 72 سالن جي راهبا کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو،اهڙي واقعي جا گذريل ڏينهن پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪري ورتا هئا.

سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف اڄوڪي ڏينهن به احتجاج طور شهر کي مڪمل طور بند رکيو ويو.

ناڊيه شهر جا واپاري مرڪز ۽ تعليمي اداري اڄ مڪمل طور بند رهيا ۽ روڊن تي ٽرئفڪ به معمول کان گهٽ نظر آئي.

پوليس پاران ڪجهه ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته اصل ڏوهارين جي ڳولها جاري آهي.

وزيراعظم نريندر مودي پاران واقعي جي سموري رپورٽ طلب ڪري ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*