افغانستان جي صوبي غزني جي مختلف علائقن ۾ طالبان جي حملن ۾ پوليس آفيسرن سميت 14 اهلڪار مارجي ويا

afghanistan

افغانستان جي صوبي غزني جي مختلف علائقن ۾ طالبان جي حملن ۾ پوليس آفيسرن سميت 14 اهلڪار مارجي ويا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب طالبان طرفان صوبي غزني جي ضلعن جگاتو، آجرستان، قرا باغ ۽ ڊي ياڪ ۾ پوليس چيڪ پوسٽن ۽ هيڊ ڪوارٽرز کي نشانو بڻايو، طالبان جي حملن جي نتيجي ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس چيف ۽ ريزر ريونٽ جي ڪمانڊر سميت 14 آفيسر ۽ اهلڪار مارجي ويا.

 صوبائي ڪونسل ميمبر حسن رضا يوسفي موجب پوليس جا 7 آفيسر ضلعي ڊي ياڪ ۾ مارجي ويا، جنهن ۾ پوليس چيف فيض الله طوفان ۽ ريزرو يونٽ جو ڪمانڊر حاجي برڪت شامل آهي.

 صوبائي ترجمان عارف نوري موجب طالبان جي حملن ۾ ضلعي جگاتو ۽ ڊي ياڪ ۾ 12 پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا.

 ٻئي طرف طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد حملن جي ذميواري قبول ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ضلعي ڊي ياڪ ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي حملي ۾ پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻايو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*