پاڪستان ريلوي ڪراچي کان اسلام آباد تائين تيز ترين ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

 پاڪستان ريلوي ڪراچي کان اسلام آباد تائين تيز ترين ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي ملازمن لاءِ نوان گهر تعمير ڪيا ويندا،ريلوي پوليس جون پگهارون وفاقي پوليس جي برابر ڪرڻ واري تجويز ڏني آهي.

 لاهور ۾ 10 پاور وينز جي پاڪستان ريلوي ۾ شموليت واري تقريب کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته  هن وقت ملڪ ۾ پاور وينز جو انگ 23 آهي، جيڪو 31 مارچ کانپوءِ 84 تائين ٿي ويندو.

هن چيو ته ريلوي پوليس کي اپ گريڊيشن تي ڪم جاري آهي، ان لاءِ هڪ ارب رپين جي منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

خواجه سعد رفيق چيو ته پاڪستان ريلوي جي آمدني ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ريلوي پوليس جون پگهارون وفاقي پوليس جي برابر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي تجويز ڏني آهي، اميد آهي ته 20 سيڪڙو تائين ريلوي پوليس جي پگهارن ۾ واڌ ٿيندي.

ريلوي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ريلوي ملازمن لاءِ نوان گهر ٺاهڻ واري منصوبي تي به ڪم هلندڙ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*