خيرپور ضلعي ۾ جلد ججز جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، چيف جسٽس جسٽس فيصل عرب
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس فيصل عرب چيو آهي ته خيرپور ضلعي ۾ جلد ججز جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، قابليت جي بيناد تي نوان جج ڀرتي ڪيا ويندا.
خيرپور ۾ بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻائڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس فيصل عرب چيو ته جلد خيرپور ضلعي ۾ بيڪنگ ڪورٽ قائم ڪئي ويندي.
جسٽس فيصل عرب چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ٻن مهينن اندر ججز جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، سنڌ مان جوانن کان قابليت جي بنياد تي انٽريو ورتا ويندا.
جسٽس فيصل عرب چيو ته خيرپرو ضلعي ۾ ڪراچي بار کان وڏي بار ايسوسيئيشن هوندي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ وڪيلن جي کوٽ جلد ختم ڪئي ويندي.
ان موقعي تي ڊي سي خيرپور منور مٺاڻي پاران چيف جسٽس فيصل عرب ۽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي خيرپور جي تاريخ تي لکيل ڪتاب تحفي طور پيش ڪيو.