ٺل پوليس هڪ مهينو اڳ پورهيت جي اغوا ٿي ويل 10 ورهين جي نينگر کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ٺل پوليس هڪ مهينو اڳ پورهيت جي اغوا ٿي ويل 10 ورهين جي نينگر کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٺل ويجهو ڳوٺ علي گوهر ڀٽي مان اغوا ٿي ويل 10 ورهين جي نينگر فاروق ڀٽي کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٺل پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پاران مغوي نينگر فاروق ڀٽي کي بلوچستان طرف منتقل ڪري رهيا هئا ته ساڻن مقابلو ٿي پيو.

پوليس موجب سنڌ_بلوچستان دنگ آر ڊي 44 واري علائقي ۾ مقابلي دوران هٿياربند نينگر کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته، ڌاڙيلن گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيت ميرخان ڀٽي جي 10 ورهين جي پٽ فاروق احمد کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو هو.

پوليس نينگر کي بازياب ڪرائڻ بعد کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، نينگر جي واپسي تي سندس وارثن ۾ سرهائي پکڙجي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*