بدين ۾ اين سي ايڇ ڊي ٽيچرز پاران 9 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

بدين ۾ اين سي ايڇ ڊي ٽيچرز 9 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف آفيس جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ملازمن اشفاق زنئور، نور حسن جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هيڊ آفيس کي تالا هڻي حيدرآباد-بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل 9 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري هو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کين رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*