ڪراچي جي احتساب عدالت مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جي پرسنل اسسٽنٽ رمضان سولنگي ۽ جاويد قمر کي 7 جون تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت  مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جي پرسنل اسسٽنٽ رمضان سولنگي ۽ جاويد قمر کي 7 جون تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت نيب کي جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ بابت نيب جي استدعا رد ڪندي کين 7 جون تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

نيب جي جاچ آفيسر چيو ته ڊي ايم سي ويسٽ جي آفيس تي ڇاپي دوران هٿ ڪيل رڪارڊ ۾ 600 جعلي ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي.

هن چيو ته ڊي ايم سي ويسٽ ۾ پيٽرول جي مد ۾ هر مهيني 2 ڪروڙ  ڪرپشن سامهون آئي آهي.

نيب جي جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن جي وڌيڪ 8 کان 10 ساٿين کي گرفتار ڪرڻو آهي.

جوابدارن جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي.

عدالت جوابدارن کي 7 جون تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*