ڪراچي ۾گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد خلاف گمبٽ ۾مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو

khi

ڪراچي ۾گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد خلاف گمبٽ ۾مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن آصف لاکائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن چيو ته پر امن احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد غير اخلاقي عمل آهي.

هنن چيف جسٽس کان گھر ڪئي ته نياڻين مٿان تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن  خلاف  ڪارروائي ڪئي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*