وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا سڌارن وارو بل حڪومت يا اپوزيشن جو نه

PM

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا سڌارن وارو بل حڪومت يا اپوزيشن جو نه، پر سڀني جو بل آهي، ڏيڍ صدي واري تاريخ کي تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز خان جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ ڊگھي عرصي کانپوءِ پهتل پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به موجود هئا. جڏهن ته جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي،

اجلاس ۾ اڄ فاٽا سڌارن ۽ فاٽا ۾ ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ بابت ترميمي بل سميت مختلف بل پيش ڪيا ويا.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته فاٽا سڌارن وارو بل حڪومت يا اپوزيشن جو نه، پر سڀني جو بل آهي، ڏيڍ صدي واري تاريخ کي تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.

عمران خان گهڻي عرصي کانپوءِ اڄ جڏهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پهتو ته صحافين کيس گهيري ورتو.

صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته خان صاحب ڪيتري عرصي بعد پارليامينٽ آيا آهيو؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته مون کي ياد ناهي ڪيتري عرصي کانپوءِ پارليامينٽ آيو آهيان، جيڪڏهن صحيح طرح سان اسيمبلي هلائين ها ته مان روز اچان ها……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*