نيب چيو آهي ته ڄامشورو ضلعي جي تعلقي بولا خان ۾ 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين قبضا مافيا کان آزاد ڪرائي سنڌ سرڪاري حوالي ڪئي وئي آهي

Nab-21916

نيب چيو آهي ته ڄامشورو ضلعي جي تعلقي بولا خان ۾ 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين قبضا مافيا کان آزاد ڪرائي سنڌ سرڪاري حوالي ڪئي وئي آهي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ نيب ترجمان چيو ته ڄاڻايل زمين جي 731  ايڪڙ ايراضي ٿاڻي بولا خان جي ديهه بابر بند ۾آهي، ٻي زمين ٻين ديهن ۾ آهي.

هن چيو ته نيب اختيارين 17 اپريل 2018 تي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جيڪي روينيو رڪارڊ ۾ جعلي داخلائن ۾ ملوث آهن.

نيب ترجمان چيو ته جوابدار سرڪاري ملازمن سان گڏجي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري سرڪاري زمين جي غلط داخلا ڪري قبضا مافيا کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن.

نيب ترجمان چيو ته سپر هاءِ وي جي آسپاس 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي مختلف هائوسنگ اسڪيمز کي الاٽ ڪئي وئي، جنهن جي قيمت تقريبن 75 ارب  روپيا  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*