قمبر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سينگاريو ڪميٽي جي سڏ تي شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

kambar sepco

قمبر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سينگاريو ڪميٽي جي سڏ تي شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

واجد گوپانگ ۽ ربنواز جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته قمبر ۾ قهر جي گرمي ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سيپڪو  18 ڪلاڪ بجلي بند ڪري شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي.

مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سيپڪو عملدارن خلاف نوٽيس وٺي لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*