سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ طلال چوڌري کي 19 جون تائين شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

supreme court

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ طلال چوڌري کي 19 جون تائين شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، طلال چوڌري جو شاهد اسرار احمد خان عدالت ۾ پيش ٿيو.

طلال چوڌري جي شاهد اسرار احمد خان موقف اختيار ڪيو ته 274 جنوري جي جلسي ۾ اسيٽج ۾ موجود هيس، اڳواڻ 4 وڳي جلسي ۾ آيا هئا.

اسرار احمد خان چيو ته اڳواڻن جي دير اچڻ سبب طلال چوڌري ڪيترائي ڀيرا تقرير ڪئي، جنهن جو ڪو به تسلسل نه هو. جلسي جي شروع ٿيڻ کان ختم ٿيڻ تائين اتي ئي موجود هئيس.

هن چيو ته سندس موجودگي ۾ طلال چوڌري عدليا خلاف ڪجهه به نه چيو، جنهن تي جسٽس فيصل عرب چيو ته شاهد جي بيان تي فيصلو ناهي ڪرڻو، عدالت ويڊيو به ڏسندي.

وڪيل چيو ته جيڪڏهن ويڊيو  تي فيصلو ڪرڻو آهي ته  پوءِ هن وقت تائين ڪري ڇڏيو ها.

درخواستگذار جي وڪيل سوال ڪيو ته طلال چوڌري پي سي او جي بتن کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي. جنهن تي شاهد اسرار چيو ته طلال چوڌري اهي لفظ ٽڪڙن ۾ چيا،

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڪيل جي ڳالهه تي هلڻو آهي، يا  آخرت کي به ڏسڻو آهي، اهي لفظ ڪنهن جا آهن.

عدالت طلال چوڌري کي وڌيڪ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*