پ پ جي سينيٽر مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته نواز شريف جيڪو پوکيو اهو ئي لڻي رهيو آهي

mola baksh

پ پ جي سينيٽر مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته نواز شريف جيڪو پوکيو اهو ئي لڻي رهيو  آهي، مريم نواز جيڪڏهن اڄ ڪورٽ جي ڪٽهڙي تي بيٺي آهي ته ان جو ذميوار به نواز شريف آهي.

نواز شريف جي بيان جي ردعمل ۾ مولا بخش چانڊئي چيو ته ميان صاحب بدلو وٺڻ وقت اهو وساري ويٺو هو ته شهيد بينظير ڀٽو به ڪنهن جي ڌيءَ آهي.

مولابخش چانڊئي چيو ته ميان صاحب کي مادر جهموريت نصرت ڀٽو تي ڪيس داخل ڪرڻ وقت مشرقي روايتن جو خيال ڇو نه آيو هو.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ ڏينهن ڪراچي، لاهور ۽ راولپندي جي جيلن جا چڪر لڳائيندي رهندي هئي.

مولا بخش چانڊئي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ننڍن ٻارن سان گڏ جيل ٻاهران نٽهڻ اس تي انتظار ڪندي هئي، ميان صاحب وارا خوش ٿيندا هئا.

هن چيو ته اڄ ميان صاحب جي حڪومت ۾ ئي مريم نواز تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، مخالفن داخل ناهن ڪرايا، ميان صاحب پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ٻارن کي ڦاسايو آهي.

مولا بخش چانڊئي چيو ته نواز شريف کي آصف زرداري کان معافي وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته آصف زرداري بيگناهه 11 سال جيل ۾ ڪاٽيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*