صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال وٽ اقامو نڪتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سهيل انور سيال خلاف درخواست داخل

Sohail-Anwar-Siyal-311017

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال وٽ اقامو نڪتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سهيل انور سيال خلاف درخواست داخل، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سهيل انور سيال وٽ يو اي اي جو اقامو آهي ۽ پرڏيهي ڪمپني کان پگهار به وٺندو رهيو آهي، درخوستگذار پاران اثاثن ۾ اقامو ظاهر نه ڪرڻ تي سهيل انور سيال کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ 2018 جي چونڊن ۾ کيس حصو وٺڻ کان روڪڻ جي استدعا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ الله بخش اُنڙ سهيل انور سيال خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سهيل انور سيال وٽ يو اي اي جو اقامو آهي، ۽ هو يو اي اي ۾ موجود هڪ پرڏيهي ڪمپني کان پگهارون به وٺندو رهيو آهي.

درخواستگذار عدالت کي سهيل انور سيال کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ 2018 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته اثاثن جي تفصيلن ۾ اقامو لڪائڻ تي سهيل انور سيال صادق ۽ امين نه رهيو آهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*