ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ رينجرس جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته گلشن حديد جي بگٽي ڳوٺ ۾ هڪ همراهه مارجي ويو آهي.

ڌماڪو بلديه نمبر چار جي لاسي پاڙي ۾ رينجرس جي گاڏي ويجهو ٿيو، چيو پيو وڃي ته ڌماڪيدار مادو گند جي ڍير ۾ رکيو ويو هو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڌماڪي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون.

ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ رينجرس اهلڪار محفوظ رهيا،  معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

گلشن حديد جي بگٽي ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ همراهه مارجي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*