ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روزي رکڻ وقت لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش آيون

karachi loadsheding

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روزي رکڻ وقت لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش آيون، شهرين چيو ته ميڻ بتيون ٻاري روزا رکيا ويا آهن.

لانڍي، قائدآباد، سچل ڳوٺ، چنيسر ڳوٺ، چڪراڳوٺ، سهراب ڳوٺ، گلشن اقبال، ملير ۽ لياري جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب پاڻي فراهمي نه ٿيڻ ڪري شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ سبب ميمڻ بتيون ٻاري روزا رکيا ويا آهن.

شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر مان لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم ڪري اسان کي گرمي جي عذاب کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*