واهي پانڌي ۾ ڳوٺاڻن پاران پاڻي، بجلي ۽ ٻيون سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

wahi pandhi

واهي پانڌي ۾ ڳوٺاڻن پاران پاڻي، بجلي ۽ ٻيون سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪاڇي  جي ڳوٺ ڇِڊي رستماڻي جي رهواسين ڳوٺ ۾ پاڻي، بجلي، صحت، ۽ ٻيون بنيادي سهولتن نه هئڻ خلاف واهي پانڌي ۾ گورک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن چيو ته جديد دور ۾ به سندن ڳوٺ ۾ پاڻي، بجلي ۽ اسڪول جي بنيادي سهولت موجود ناهن، جڏهن ته هو پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ ڪري برساتي دٻن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.

ڳوٺاڻن گهر ڪئي ته سندن ڳوٺ کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*