بلوچستان ۾ سخي بلاول شاهه نوراني جو ميلو شروع ٿي ويو آهي

hub melo

بلوچستان ۾ سخي بلاول شاهه نوراني جو ميلو شروع ٿي ويو آهي، سنڌ سميت سڄ ملڪ  جي ڪنڊ ڪڙڇ مان  پانڌيئڙن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

سخي بلاول شاهه نوراني جي  عرس مبارڪ جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون شروع ٿي ويون آهن،

اڄ صبح خليفي نواز علي ڪلمتي ۽ ٻين آفيسرن درگاھ تي گلن جي چادر چاڙھي عرس تقريبن جو افتتاح ڪيو.

سنڌ سميت سڄي ملڪ مان زيارتين جي آمد جو سلسلو به جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

قلندر جي نگري کان پيادل نڪتل لاھوتين جا قافلا به  شاهه نوراني جي درگاهه تي پهچي ويا آهن، هر طرف نوراني نور ھر بلا دور  جي نعرا گونجي  رهيا آهن.

شاهه نوراني جي ميلي جون تقريبون 3 ڏينهن تائين جاري رهنديون، انتظاميا پاران به سيڪيورٽي جا سخت انتظام  ڪيا ويا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*