آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڪراچي ۾ جمعي نماز دوران سڀني مسجدن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي

IG-SINDH-AD-KHUWAJA-3917

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڪراچي ۾ جمعي نماز دوران سڀني مسجدن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي، شهر ۾ گشت ۽ چيڪنگ واري عمل کي بهتر ڪيو وڃي.

جاري ڪيل پريس رليز ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته هر ايس ايڇ او پنهنجي نگراني ۾ سيڪيورٽي واري عمل کي يقيني بڻائي، ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته شهري ڪنهن به قسم جي سڪر سرگرمين بابت پوليس کي اطلاع ڪن.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته انٽيليجنس واري عمل کي علائقي جي ليول تائين وڌايو وڃي، سڀني اطلاعن جي پوئواري ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*