پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ وارو مرحلو پرامن نموني مڪمل ڪيو ويندو

shah mehmood qureshi

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ وارو مرحلو پرامن نموني مڪمل ڪيو ويندو، فاٽا ۾ ماڻهو هاڻ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ واريون سهولتون ماڻي سگهندا،

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ وارو مرحلو پرامن نموني مڪمل ڪيو ويندو، فاٽا ۾ ماڻهو هاڻ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ واريون سهولتون ماڻي سگهندا،

هن چيو ته اسان انقلابي تبديليون آڻينداسين، فاٽا ۾ صحت، تعليم ۽ انصاف ملندو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان جي سمورين جماعتن قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو، هي ايجنڊا تحريڪ انصاف پنهنجي منشور ۾ شامل ڪيو هو،

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ڏکڻ پنجاب جي لاءِ به خوشخبري آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڏکڻ پنجاب لاءِ الڳ صوبو، منشور جو حصو بڻايون ،

هن چيو ڪي پي واحد حڪومت آهي، جيڪا پنهنجي حصو مان 3 سيڪڙو فاٽا جي ترقي ۾ تي خرچ ڪندي.

شاهه محمود قريشي چيو ته زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، فوج آپريشن ذريعي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*