پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ڪي پي ڪي جي حالت پهرين کان به خراب ڪري

okara shahbaz shareef

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ڪي پي ڪي جي حالت پهرين کان به خراب ڪري پشاور جو نقشو ئي بگهاڙي ڇڏيو آهي ۽ آصف زرداري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مون کي شعبدي باز سڏيندڙ پنهنجي صوبي جي پنجاب سان ڀيٽ ڪري ڏسن،

نارووال ۾ ڊسٽرڪٽ ڪور هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي نئين سر اڏاوت جي افتاح کانپوءِ  شهباز شريف چيو ته اسپتال جي نئين سر اڏاوت تي 76 ڪروڙ رپين جو خرچ آيو آهي، اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين جي سهولت 24 ڪلاڪ مليل هوندي.

هن چيو ته اڄ پنجاب جي هر اسپتال ۾ دوائون آهن، اسان لاءِ سڀ برابر آهن.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ته لکين ماڻهن تنهن ڪري قرباني نه ڏني آهي ته غريب جو علاج نه ٿي سگهي.

شهباز شريف چيو ته اڄ پنجاب جي هر اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ مفت سي ٽي اسڪين ٿي رهي آهي ۽ مريضن کي علاج لاءِ هڪ ٽڪو نه ٿو ڏيڻو پوي.

هن چيو ته اسان عام ماڻهو لاءِ ڪروڙين اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، اڄ اسپتالن ۾ عام ماڻهو ئي اها ئي دوا ملي رهي آهي جيڪا اشرافيه استعمال ڪندي آهي،

شهباز شريف چيو ته عمران خان مون کي شوباز ۽ خطرناڪ قرار ڏنو پر هن هڪ به نئين اسپتال نه ٺاهي آهي،

شهباز شريف چيو ته عمران خان ڪي پي ڪي جي حالت پهرين کان به خراب ڪري پشاور جو نقشو ئي بگهاڙي ڇڏيو آهي ۽ آصف زرداري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*