فرانسيسي ميوزيڪل بينڊ گروپ چائنه ۾ جابلو ٽڪرين ۾ 14 سئو فٽ اوچائي تي ٻڌل رَسِين تي پرفارم ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو

china sky concert b

فرانسيسي ميوزيڪل بينڊ گروپ چائنه ۾ جابلو ٽڪرين ۾ 14 سئو فٽ اوچائي تي ٻڌل رَسِين تي پرفارم ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو، اسڪاءِ ڪنسرٽ ۾ فنڪارن حفاظتي بيلٽ پائي فن جو مظاهرو ڪيو.

 سينٽرل چين جي علائقي زنجياجي ۾ 6 رڪني ميوزيڪل بينڊ گروپ نيشنل پارڪ جي 1400 فٽ اوچين جابلو ٽڪرين تي سُر وکيريا، جنهن ۾ هنن سڀ کان پهريان هڪ مشهور چيني لوڪ گيت سان محفل جي شروعات ڪئي.

  انوکي قسم جي  سُر ۽ سنگيت جي محفل ۾ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪري فن جو مظاهرو ڪندڙن کي داد ڏنو.

 پس منظر ۾ ڪڪرن ۽ جابلو علائقي جو نظارو تمام خوبصورت ڏيک ڏئي رهيو هو.

 هي ميوزيڪل بينڊ ان کان پهريان فرانس، الجيريا ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته چين۾ هيءُ سندن پهرين پرفارمنس هئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*