ايس ايس پي لسٻيلا هاشم مهمند چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل واپاري جئپالداس ۽ سندس پٽ گريش ڪمار جي ڪيس جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو

hub wapari qatal

ايس ايس پي لسٻيلا هاشم مهمند چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل واپاري جئپالداس ۽ سندس پٽ گريش ڪمار جي ڪيس جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن شروعاتي جاچ ۾ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

حب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي هاشم مهمند چيو ته پوليس ڪارروائي ڪري مرڪزي جوابدار شهزاد شيخ کي گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار جي ٻن ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن، کين به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

ايس ايس پي لسٻيلا مک جوابدار کي گرفتار ڪندڙ پوليس ٽيم لاءِ هڪ لک روڪ انعام جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*