قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ڪيل فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ وارو بل اڄ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو

kpk-assembly

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ڪيل فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ وارو بل اڄ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، جي يو آءِ (ف ) ۽ مالاڪنڊ ڊويزن جي 24 ايم پي ايز پاران بل جي مخالفت ڪرڻ جو امڪان آهي.

جي يو آءِ صوبائي اسيمبلي جي گهيراءُ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، مالاڪنڊ ڊويزن جي  ايم پي ايز  چيو آهي ته بل ۾ فاٽا سان گڏ پاٽا کي شامل ڪرڻ زيادتي آهي، جيڪڏهن حڪومت پاٽا جي حيثيت تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ پئڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ واري بل جي منظوري وقت مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي اجلاس ۾ موجود نه هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*