ڪنڌڪوٽ پوليس غوثپور واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

ghouspur21-8

ڪنڌڪوٽ پوليس غوثپور واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 5 ڪچين جهڳين کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

ڪنڌ ڪوٽ پوليس غوثپور جي علائقي خادم ڀيو ۾ چڙھائي ڪري  علي گل  خان ۽ڪريم بخش سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي.

پوليس موجب ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پئي، جنهن دوران ڏوھاري فرار ٿي ويا، جڏهن ته سندن  5ٺڪاڻن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو.

 پوليس  موجب ڪنڌڪوٽ ڀرسان شھيد ٿيل ايس يڇ او ڪرمپور علي حسن بکراڻي جي ڪيس ۾ گھربل ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ  ڪارروائي ڪئي وئي آھي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*