ارسا سنڌ ۽ پنجاب ۾ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ جي تصديق ڪري ڇڏي

badin-sim-band-water

ارسا سنڌ ۽ پنجاب ۾ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ جي تصديق ڪري ڇڏي، ارسا ترجمان چيو آهي ته پنجاب کي ساڍا 57 ھزار ڪيوسڪ ۽ سنڌ کي 55 ھزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

ارسا ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنھي صوبن جي کوٽ 51 سيڪڙو آھي، واهن ۽ شاخن جا لائين لاسز گڏائي کوٽ 65 کان 71 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي.

ارسا ترجمان چيو ته ڪي پي کي 3100 ۽ بلوچستان کي 8000 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، ٻنھي صوبن کي بنا کوٽ پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کوٽ باوجود پنجاب جو تڪراري تونسا پنجند ڪينال کليل آھي، هر روز 1170 ڪيوسڪ پاڻي وھايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*