دولتپورصفن ويجهو 25 ڏينهن کان گم نينگر جو تشدد ٿيل ۽ ڪپڙن کان آجي حالت ۾ لاش هٿ ڪيو ويو آهي

daulatpur sfn tashadud thyal neengar lash

دولتپورصفن ويجهو 25 ڏينهن کان گم نينگر جو تشدد ٿيل ۽ ڪپڙن کان آجي حالت ۾ لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن نينگر سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته نينگر جو موت گهٽا ڏيڻ سبب ٿيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

ڳوٺ لائق ڏاهري مان 25 ڏينهن اڳ  اوچتو گم ٿي ويل 12 ورهين جي  نينگر امير علي ابڙو جو چچريل لاش دولتپورصفن ويجهو سيد امين شاھ قبرستان مان هٿ ڪيوويو.

اطلاع تي دولتپورصفن پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش سندس والد جي حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن نيگر سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪندي ٻڌايو  ته نينگر جو موت  گهٽا ڏيڻ سبب ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*