پشاور ڀرسان بنون جي علائقي ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيل فوجي جوان وقار علي جهتيال کي ميهڙ ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان دفنايو ويو

mehar jawan shahed

پشاور ڀرسان بنون جي علائقي ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيل فوجي جوان وقار علي جهتيال کي ميهڙ ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان دفنايو ويو.

 ڳوٺ الله بخش جهتيال ۾ شهيد وقار علي کي فوجي سلامي ڏني وئي، سندس آخري رسمن ۾ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

 فوجي جوان وقار جهتيال 2 ڏينهن اڳ بنون جي هڪ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن سان مقابلو ڪندي جان جو نذرانو ڏنو هو، جنهن بعد سندس لاش کي تدفين لاءِ اباڻي ڳوٺ آندو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*