فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ خلاف جي يو آءِ ف ڪارڪنن پاران پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو

pehsawar jui protest

فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ خلاف جي يو آءِ ف ڪارڪنن پاران پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، اهلڪارن جي لٺبازي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، 20 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.

صوبائي اسيمبلي ٻاهران پوليس پاران لڳايل رڪاوٽون هٽائي ڪارڪن اسيمبلي جي گيٽ وٽ پهچي ويا.

صوبائي حڪومت اسيمبلي ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا آهن، مڇريل ڪارڪنن پاران اسيمبلي جي مرڪزي گيٽ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پوليس جي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي  استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ جي يو آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، 20 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جي يو آءِ جي صوبائي ترجمان مولانا عبدالجليل خان چيو ته وزيراعظم فاٽا کي پئڪيج ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو.

هن چيو ته  اسان جي ڪوشش آهي ته صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي اندر وڃڻ نه ڏيون، پوليس جي لٺبازي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.

صوبائي حڪومت جي ترجمان شوڪت يوسفزئي چيو ته جي يو آءِ جو احتجاج غيرجهموري آهي، کين قومي اسيمبلي اڳيان احتجاج ڪرڻ گهرجي ها.

هن چيو ته جي يو آءِ فاٽا جي عوام کي غلام بنائڻ چاهي ٿي، مظاهرين سان ڳالهيون ٿي نٿيون سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*