وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اختلاف رکڻ مخالف ڌر جو حق آهي،پر اختلاف اصول پٽاندڙ هئڻ گهرجن

shahid khaqan

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اختلاف رکڻ مخالف ڌر جو حق آهي،پر اختلاف اصول پٽاندڙ  هئڻ گهرجن.

گلگت بلتستان جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته خواهش هئي ته اڄ مخالف ڌر جا ميمبر به اجلاس ۾ هجن ها.

هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي سمورا حق حاصل آهن،گهڻا ماڻهو اختيارن جي منتقلي نه ٿا چاهين.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته گورنر گلگت بلتستان جو ئي هوندو، 18هين ترميم بعد گلگت بلتستان وٽ به ساڳيا حق آهن.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان سول سروسز ۾گلگت بلتستان کي ڪوٽا ڏني ويندي، سڀ کان گهڻي مخالفت اسان جي پنهنجي حڪومت ۾ هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*