سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

sindh mukhtalif shahran m mising persons lae dharna

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو خلاف ڪو ڪيس آهي ته گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

 ٺٽي ۾ سول سوسائٽي ۽ يوٿ گروپ جي سڏ تي مين اسٽاپ تي 24 ڪلاڪن لاءِ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي،  احتجاجي ڪئمپ ۾ شعير قريشي، شبير ڪنڀار، افضل  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 هڱورجا ۾ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران 72 ڪلاڪن جي بک هڙتال  لاءِ ڪئمپ ۾ اشفاق سولنگي، اڪبر سهتو، شفقت اوٺو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

  مٺياڻي ۾ جسقم طرفان ڪاليج چوڪ تي قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن فيصل مستوئي، امتياز کوسو، منير وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

 ٺل ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جي ڪارڪنن جميل ابڙو، نفيس سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

 قاضي احمد ۾ پوليس ٿاڻي ڀرسان ٻئي ڏينهن به سول سوسائٽي جي زيب جتوئي، صوفي جاويد سيال ۽ شعبان بالادي جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 ميرپور بٺورو ڀرسان دڙو شهر ۾ سماجي تنظيم جي سڏ تي راحيل سومرو، اسلم خيرپوري ۽ وحيد حيدر زئور جي اڳواڻي ۾ ٻنون اسٽاپ کان نئين پل تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

 ڪنڌڪوٽ ۾  ممتاز سنڌي، دلمراد ڏاهاڻي ۽ والي ڏنو سبزوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڏوڪري مان 3 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل 3 نوجوانن شاهد جوڻيجو مرتضي جوڻيجو ۽ مخيار عالماڻي جي وارث مرد  عورتن ۽ ٻارڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صوبي جي گم ٿيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد ڪيو ويو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن کي فوري بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو..