ٺاروشاهه ڀرسان باغ مان انب پٽيندڙ بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڀان برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

tharhu shah bhan bridari protest

ٺاروشاهه ڀرسان باغ مان انب پٽيندڙ بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڀان برادري پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ نوازيو ڀان جي رهواسين منظور ڀان ۽ فاروق ڀان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڳوٺ جا بااثر وزير ڀان، اڪبر،  انور ڀان ۽ ٻين  اسانجي باغ مان انب پٽي لکين روپين جو نقصان ڪيو آهي. جن خلاف ٺاروشاھ ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي پر پوليس بااثر جوابدارن کان پيسا وٺي هنن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي.

ٻئي طرف نوشهروفيروز پوليس جو چوڻ آهي فريادي ڌر جو انبن جو زيان ٿيو آهي. جن جو 7 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جن مان 2 جوابدار گرفتار ڪيا آهن،.

هن چيو ته ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون جاري آهن، جلد انهن کي به گرفتار ڪيوويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*