باقراڻي پوليس هٿان 6 ڏينهن اڳ نوجوان خالد ابڙو کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي جو قتل ڪيس ايس ايڇ او سميت 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي

larkana sho fir

باقراڻي پوليس هٿان 6 ڏينهن اڳ نوجوان خالد ابڙو کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي جو قتل ڪيس ايس ايڇ او سميت 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

مبينا مقابلي ۾ ماريل نوجوان خالد ابڙو جي ڀاءُ اختيار ابڙو جي فرياد تي باقراڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او نور محمد جکرو ۽ 5 اڻڄاتل اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

باقراڻي ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ جوابدارن خلاف دهشتگردي جو قلم به لڳايو ويو آهي، پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 واضع رهي ته نوجوان خالد ابڙو کي ڏوهاري ڄاڻائي مبيبا مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي خلاف نوجوان جي وارثن طرفان احتجاج ڪرڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاچ ٽيم جوڙي هئي، جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪيو ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*