ڪنڌڪوٽ ويجهو تيزرفتار مزدا بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

Accident-Road-27217

ڪنڌڪوٽ ويجهو تيزرفتار مزدا بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

 ڪنڌڪوٽ جي انڊس هاءِوي تي تيز رفتار مزدا بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺل جو رهواسي مزدا ڊرائيور اصغر کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽  آصف کوسو زخمي ٿي پيو.

 اطلاع تي پوليس واقي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،جتي زخمي جو علاج جاري آهي.

جڏهن ته  فوتي ڊرائيور جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جيڪي مڙهه ٺل کڻائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*