ٻٻرلوءِ ۽ ڊگهڙي ۾ پوليس ڌار ڌار ڪارروائين دوران ٽن مبينا ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ٻٻرلوءِ ۽ ڊگهڙي ۾ پوليس ڌار ڌار ڪارروائين دوران ٽن مبينا ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ  جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٻٻرلوءِ لڳ نيشنل هاءِ وي تي  پوليس مقابلي بعد زاهد ڦلپوٽو ۽ عرفان ناريجو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڦر جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو، سندن قبضي مان هڪ رپيٽر ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڦورن جي فرار ٿي ويل ٻن ساٿين جا پير کنيا پيا وڃن.

ڊگهڙي پوليس ڳوٺ مندروالا ۾ مقابلي دوران هڪ مبينا ڦورو وريام عرف ورو نوهاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتاري جوابدار تي ڦر ۽ چورين جا 5 ڪيس داخل آهن، وٽانئس هڪ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*