انٽرنِيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران لارڊز ٽِيسٽ ميچ ۾ سلو اوور ريٽ تي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سرفرازاحمد مٿان ميچ فيس جو 60سيڪڙو۽رانديگرن مٿان 30سيڪڙو ڏنڍ مڙهيوآهي

Sarfraz-Ahmed-111017

انٽرنِيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران لارڊز ٽِيسٽ ميچ ۾ سلو اوور ريٽ تي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سرفرازاحمد مٿان ميچ فيس جو 60سيڪڙو۽رانديگرن مٿان 30سيڪڙو ڏنڍ مڙهيوآهي.

پاڪستان ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

آءِ سي سي پاران جاري ڪيل هڪ بيان مطابق پاڪستان مقرره هدف کان ٽي اوورز گهٽ ڪرايا، جنهن تي ميچ ريفري جيف ڪِرو قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد مٿان ميچ فيس جو 60 سيڪڙو، جڏهن ته ٻين رانديگرن مٿان ميچ فيس جو 30 سيڪڙوڏنڍ مڙهيو آهي.

آءِ سي سي قانون جي آرٽيڪل 2.5.1مطابق مقرره وقت ۾ گهٽ اوور ڪرائڻ تي رانديگرن مٿان في اوور 10 سيڪڙو ميچ فيس جو ڏنڍ مڙهيو ويندو آهي۽ پاڪستان جي رانديگرن ٽي اوورس گهٽ ڪرايا، جن تي 30 سيڪڙو ڏنڍ مڙهيو ويو آهي.

آءِ سي سي مطابق پاڪستاني ٽيم هڪ سال ۾ ٻه ڀيرا سلو اوور ريٽ ڪيوته ڪپتان سرفراز احمد کي معطلي کي منهن ڏيڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*