ڪراچي پوليس منگهوپير واري علائقي ۾ مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪراچي پوليس منگهو پير  واري علائقي ۾ مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، رينجرز ڪارروايون ڪندي تحريڪ طالبان جي دهشتگردن سميت 14 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي اولهه اظفر مهيسر موجب منگهوپير ۾ ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ، جيڪي پوليس تي حملن ۾ ملوث هئا.

پيرآباد ٿاڻي جي حد بنارس چوڪ تي هٿياربندن جي حملي ۾ ساجد نالي پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز علائقي جو ڪڙو چاڙهي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن  کي پڪڙيو ويو.

ٻئي پاسي فيروز آباد ۾ ڦورن سان مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٻه ڦورو زخمي ٿي پيا.

ڪراچي ۾ سٽي ڪورٽ، ڌوٻي گهاٽ، بنارس، ايوب ڳوٺ، بهادر آباد ۽ ٻين علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪندي 14 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيلن ۾ تحريڪ طالبان جا دهشتگرد ۽ ٽارگيٽ ڪلرز به شامل آهن، جن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ڪراچي جي بلديه ٽائون واري علائقي ۾ ٻن عورتن جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا ، ريسڪيو رضا ڪارن جو چوڻ آهي ته ٻنهي عورتن کي تيز ڌار  اوزار سان قتل ڪيو ويو آهي.

لياقت آباد پوليس موجب بي –ون ايريا گرائونڊ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جو لاش عباسي  شهيد اسپتال منقتل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*