منظور وساڻ ۽ ناصر شاهه کانپوءِ پ پ جي هڪ ٻئي اڳواڻ سردار چانڊيو جي اهليت کي پڻ اقامو لڪائڻ جي بنياد تي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي

Manzoor Wasan nasir shah 29518 - 5816

منظور وساڻ ۽ ناصر شاهه کانپوءِ پ پ جي هڪ ٻئي اڳواڻ سردار چانڊيو جي اهليت کي پڻ اقامو لڪائڻ جي بنياد تي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ درخواست گذار ممتاز چانڊيو داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سردار چانڊيو گڏيل عرب امارات جو اقامو رکي ٿو پر هن 2013 واري عام چونڊن جي نامزدگيءَ ڪاغذن ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو، جنهنڪري هو صادق ۽ امين ناهي رهيو.

درخواستگذار  عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته سردار خان چانڊيو خلاف آرٽيڪل ايف 61 ايف ون تحت ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو وڃي ۽ کيس 2018 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي.

 عدالت درخواست تي اليڪشن ڪميشن، سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 5 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*