اليڪشن ڪميشن تلوار نشان لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي، ورڪرز پيپلزپارٽي ۽ پيپلز موومينٽ پاڪستان جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

election

اليڪشن ڪميشن تلوار نشان لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي، ورڪرز پيپلزپارٽي ۽ پيپلز موومينٽ پاڪستان جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن تلوار نشان لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي، ورڪرز پيپلزپارٽي ۽ پيپلز موومينٽ پاڪستان جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستن جي ٻڌڻي دوران صفدر عباسي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 1980 کان وٺي تير جي نشان سان چونڊن ۾ حصو وٺندي رهي آهي.

هن چيو ته هاڻي به پ پ تير جي نشان تي چونڊ وڙهندي، هي تلوار نشان کي بلاڪ ڪرڻ چاهين ٿا.

صفدر عباسي چيو ته نيئر بخاري حلفي بيان لکي ڏي ته هو تلوار واري نشان تي چونڊ وڙهندا.

نئيربخاري صدر عباسي سان ڳالهائيندي چيو ته توهان ڪير ٿيندا آهيو اسان کان حلفي بيان وٺڻ وارا.

صفدر عباسي چيو ته مسئلي جو حل چاهيون ٿا، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ناهيد عباسي جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ ئي فيصلو ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*