اليڪشن ڪميشن پاران مختلف سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن

election comision

اليڪشن ڪميشن پاران مختلف سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي کي تلوار جو نشان ڏنو ويو، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو تير ۽ مسلم ليگ (ن) جي شينهن وارو نشان برقرار رکيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان کي لغڙ ۽ ق ليگ کي سائيڪل بدران ٽريڪٽر جو نشان الاٽ ڪري ڇڏيو.

ڪميشن جي ڊي اي کي تارو، نيشنل پارٽي کي آري ۽ پاڪستان ڪسان اتحاد کي هر نشان الاٽ ڪيو.

اي اين پي جي لالٽين ۽ ايم ايم اي جي ڪتاب وارو نشان برقرار رکيو ويو، جڏهن ٻين پارٽين کي مختلف نشان الاٽ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*