فاسٽ بالر محمد عرفان جو انفٽ ٿيڻ ٽيم لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر محمد عرفان جو انفٽ ٿيڻ ٽيم جي لاءِ وڏو ڌچڪو آهي.

آسٽريليا جي شهر ڪينبرا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته محمد عرفان ورلڊڪپ ۾ دنيا جي سڀني فاسٽ بالرز کان مختلف هو.

هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن ٽيم بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهي هئي ته عرفان جو انفٽ ٿيڻ ٽيم جي لاءِ وڏو ڌڪچو آهي.

مصباح چيو ته ميگا ايونٽ کان پهرين جنيد خان ۽ عمر گل فٽنس سبب اسڪواڊ جو حصو نه ٿيا سگهيا۽مشڪوڪ بالنگ ايڪشن سبب سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ جون خدمتن کان ٽيم محروم ٿي وئي.

هن چيو ته ٽيم جي اهم فاسٽ بالر جو انفٽ ٿيڻ ڪنهن به ڪپتان لاءِ وڏي پريشاني جي ڳالهه هوندي آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان جي وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ڪوارٽر فائنل ۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

واضح رهي ته قومي ٽيم ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ ميزبان آسٽريليا سان 20 تاريخ تي ايڊيليڊ ۾ مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*