پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف فيصلو ڪرڻ کانپوءِ سوچيندي آهي

rana sanaullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف فيصلو ڪرڻ کانپوءِ سوچيندي آهي، نگران وڏي وزير بابت هاڻي پي ٽي آءِ سان مشاورت نه ٿيندي، تحريڪ انصاف کي اعتراض هو ته ناصر محمود کوسه کي چوي ها اهو پنهنجو نالو واپس وٺي ڇڏي ها، ناصر کوسه نالو واپس نه ورتو ته گورنر اڄ رات تائين نوٽيفڪيشن جاري ڪري سگهي ٿو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اهو تحريڪ انصاف جو مستقل رويو رهيو آهي ته هو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ سوچيندي آهي.

هن چيو تحريڪ انصاف ان کان اڳ به يوٽرن وٺندي رهي آهي، پاڪستان جو نظام سنڀالڻ جي دعويدار جماعت بيورو ڪريٽ لاءِ پريشاني جو سبب بڻي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته تحريڪ انصاف ناصر کوسا کي درخواست ڪري ها ته هو پنهنجو نالو پاڻ ئي واپس وٺي ها.

هن چيو ته صلاح مشوري جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، آئيني طور ٻيهر صلاح مشورو نٿو ٿي سگهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ناصر کوسا ذميواريون سنڀالڻ لاءِ  تيار ٿي ويو ته اڄ رات 12 وڳي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. جيڪڏهن هو تيار نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*