غوثپور ويجهو ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو

ghouspur21-8

غوثپور ويجهو ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي،جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويوآهي.

باگڙي قبرستان ڀرسان ٽرڪ سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان حادثي مکڻو مهمداڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

غوثپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*