پنجاب جي علائقي خانيوال ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز مبينا هراسان ڪرڻ تي چيف ايگزيگٽو هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشد خلاف ڊپٽي ڪمشنر کي شڪايت ڪري ڇڏي

khanewal

پنجاب جي علائقي خانيوال ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز مبينا هراسان ڪرڻ تي  چيف ايگزيگٽو هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشد خلاف  ڊپٽي ڪمشنر کي شڪايت ڪري ڇڏي، اسسٽنٽ ڪمشنر چيو آهي ته معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، تمام جلد ڊپٽي ڪمشنر کي پيش ڪندس.

خانيوال ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر صائمه مبينا حراسان ڪرڻ تي چيف ايگزيگٽو هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشد خلاف شڪايت ڪئي، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو.

اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته بنيادي مرڪز صحت سيون نائن آر جي ليڊي ڊاڪٽر صائمه پنهنجي درخواست ۾ سي اي او هيلٿ  تي هراسمنٽ ۽ نامناسب رويو اختيار ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن.

اسسٽنٽ ڪمشنر آغا ظهير عباس شيرازي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر کي پيش ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*