سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

lahore supreme court

سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تمام گهڻو سنجيده مسئلو آهي ۽ حڪومت کي ڪا ڳڻتي ناهي، اڄ شام ئي ڪابينا جو اجلاس گهرائي فيصلي بابت آگاهه ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾  فل بينچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊي جي ايف اءِ اي بشيرميمڻ ۽ وفاقي حڪومت جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته اصغر خان ڪيس جي جاچ جاري آهي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي،  اڄ آخري ڏينهن آهي، اجلاس ڪڏهن ٿيندو، اٽارني جنرل چيو ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو.

چيف جسٽس، ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو اهو تمام گهڻو سنجيده مسئلو آهي ۽ حڪومت کي ڪا به ڳڻتي نه آهي. اسان شام تائين ويٺا آهيون، اڄ ئي ڪابينا جو اجلاس گهرائي فيصلو ڪيو ۽ اُن فيصلي کان آگاهه ڪيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*