سپريم ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پاران نيب کي چئني ريفرنسز جي حوالي سان جلد فيصلو ڪرڻ ۽ جوابدار محسن وڙائچ کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

lahore supreme courtt

سپريم ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پاران نيب کي چئني ريفرنسز جي حوالي سان جلد فيصلو ڪرڻ ۽ جوابدار محسن وڙائچ کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو نيب اين آءِ سي ايل اسڪينڊل جي جوابدارن سان رعايت ڪري رهيو آهي، اهڙو رويو برداشت نه ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ رولڙي جو شڪار ڪيسن ۾ 72 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن، لاهور  جي ڪيسن ۾ 3 شاهدن  جا بيان قلمبند ڪيا ويا.

نيب جي وڪيل چيو ته جوابدار اياز خان ريمانڊ تي گرفتار آهي،

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اها ڪارروائي گذريل حڪم کان اڳ ڪئي آهي، يا عدالتي حڪم بعد ڪئي وئي؟

چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو ته نيب ڪيس ۾ جوابدارن سان رعايت ڪري رهيو آهي، اهم اهم نوعيت جو آهي، نيب کي رعايت ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

عدالت لاهور ۽ ڪراچي ۾ رولڙي جو شڪار ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ 10 ڏينهن ۾ چئني ريفرنس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارمحمد وڙائچ کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*