پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اپوزيشن سان نيڪ نيتي سان صلاح مشورو ڪيو

shahbaz shareef

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اپوزيشن سان نيڪ نيتي سان صلاح مشورو ڪيو، پر عمران خان کي يوٽرن وٺڻ جي عادت آهي، عمران خان حُجري ۾ ويهي رهي، سياست سندس وس کان ٻاهر آهي، وقت سر چونڊون ڪرائڻ سان جمهوريت کي فائدو ٿيندو، ملڪ جو مستقبل وقت سر ۽ شفاف چونڊين سان جُڙيل آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سان لاهور پريس ڪلب جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته ٻيو ڀيرو جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي، عام چونڊن ۾ دير ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي،

هن چيو ته بلوچستان اسيمبلي پاران چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ سياسي لحاظ کان سٺو سنوڻ نه آهي،  وقت سر چونڊون ئي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ فائديمند آهن،

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته آئون بلوچستان اسيمبلي جي ٺهراءُ تي اتفاق نه ٿو ڪيان، پاڪستان جو مستقبل وقت سر آزاداڻي شفاف چونڊن سان جُڙيل آهي،

هن چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت پنج سالن ۾ عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي. اسان جي ڪارڪردگي عوام آڏو آهي،

شهباز شريف چيو ته رنڊڪن باوجود ترقي جو سفر اڳتي وڌايو، 25 جولاءِ تي فيصلو ٿي ويندو،

شهباز شريف چيو ته گڏيل مشاورت بعد ناصر محمود کوسا جي نالي تي اتفاق ٿيو، اسان نيڪ نيتي سان اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪئي. نگران وڏي وزير لاءِ پي ٽي آءِ نالو واپس وٺي هڪ ٻيو يوٽرن ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*