ٿاڻو بولا خان ويجهو تعمير هيٺ مسجد جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

thana bhula khan masjid chat kiri pae

ٿاڻو بولا خان ويجهو تعمير هيٺ مسجد جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمي ٻارڙن کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ موسو ڇورو ۾ نئين تعمير ٿيندڙ مسجد جي ڇت اوچتو ڪري پئي، مسجد جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙا شوڪت برفت، غلام سرور ۽ ظهير برفت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته تعميراتي ڪم ڪندڙ ڪاريگر خميسو خاصخيلي  ۽ 2 پورهيت  پڻ زخمين ۾ شامل آهن.

 ٽنهي زخمي ٻارڙن کي علاج لاءِ ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، زخمين جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*