سنڌ ۾ نگران وڏي وزير لاءِ مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان جي نالي تي اتفاق ٿي ويو

murad ali shah with khuwaja izhar

سنڌ ۾ نگران وڏي وزير لاءِ مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان جي نالي تي اتفاق ٿي ويو، نگران وڏي وزير بابت سمري گورنر ڏانهن اماڻي وئي.

سنڌ ۾ نگران وڏي وزير تي اتفاق ڪرڻ لاءِ مراد علي شاهه ۽ خواجه اظهار ۾ ٽئين ملاقات ٿي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نگران وڏي وزير لاءِ فضل الرحمان جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته اهڙو نالو آڻڻ چاهيون پيا جنهن تي سڀني جو اتفاق هجي. نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق تي اپوزيشن جماعتن جو ٿورائتو آهيان.

مراد علي شاهه چيو ته اسان ايگريمينٽ پيپر تيار ڪري ڇڏيا جنهن بابت چيف سيڪريٽري کي به اطلاع ڪيو ويو آهي.

خواجه اظهار الحسن چيو ته فضل الرحمان تجربيڪار ۽ غير سياسي ماڻهو آهي، اميد ته حڪومتي معاملا بهتر طريقي سان هلائيندو.

خواجه اظهار الحسن وڌيڪ چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽين جي سهڪار ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان.

نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق بعد سمري گورنر محمد زبير ڏانهن اماڻي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*